کپرو (ن پ ا) کپرو ڀرسان ڳوٺ ڀڙي شاخ ۾ چوپائي مال جي ڀيل تان بوزدار ۽ ھڱورجا برادري جي ٻن ڌرين ۾ جھيڙو ٿي پيو، لٺيون ۽ ڪھاڙيون لڳڻ سبب ھڪ ڌر جا ٽي ڄڻا امام الدين، مير علي، گل حسن ھڱورجو زخمي ٿي پيا. زخمين کي کپرو پوليس ليٽر ڏئي علاج لاءِ تعلقي اسپتال آندو ويو جتان کين حيدرآباد ريفر ڪيو ويو. ٻئي طرف جھيڙي جي کپرو ٿاڻي تي اين سي داخل ڪري پوليس ٽن جوابدارن کي گرفتار ڪري ورتو.