رپڙي (ن پ ا)رپڙي لڳ بھارو ٿاڻي جي حد فيض نهر واھ جي پل وٽان ھٿياربند ڳوٺ علي بخش سروهي واسي في الله سومرو کي ير غمال بڻائي 2010 سي ڊي موٽر سائيڪل، موبائل ۽ روڪ رقم ڦر ڪري فرار ٿي ويا، متاثر پاران بھارو ٿاڻي تي اين سي داخل ڪرائي وئي آهي، جڏهن ته پوليس ڦورن خلاف ڪا به ڪارروائي نه ڪئي، ٻه ڏينهن ساڳي ٿاڻي جي حد لاڙڪاڻو خيرپور باءِ پاس تان پڻ گلشير لاشاري جي موٽر سائيڪل چوري ٿي ھئي جيڪا پڻ واپس ناهي ٿي سگهي.