کپرو (ن پ ا) ايڊيشنل سيشن جج کپرو عنايت الله ڀٽو ٻارڙي سان زيادتي جي ڪوشش واري ڪيس ۾ ڏوهه ثابت  ٿيڻ تي جوابدار رکيو جٽ کي 7 سال قيد ۽ 10 هزار رپيا ڏنڊ جي سزا ٻڌائي ڇڏي، جوابدار 13 مهينا اڳ ياسين گلي ۾ 5 ورهين جي ٻارڙي لڪشمي ڌيءُ جهامن داس لوهاڻو کي ورغلائي زيادتي جي ڪوشش ڪئي هئي، جنهن جو ڪيس نياڻي جي والد جي فرياد تي کپرو ٿاڻي تي داخل ڪيو ويو هو، عدالتي فيصلي بعد جوابدار کي جيل منتقل ڪيو ويو.