ماڻهو خودڪشيون ڪري رهيا آهن، خدارا هن قوم تي رحم ڪيو: مشي خان

0
360

ڪراچي(م ڊ) ڪراچي جي خانگي شاپنگ مال ۾ گذريل ڏينهن هڪ شهري جي خودڪشي تي اداڪارا مشي خان سخت ردعمل جو اظهار ڪيو آهي، مشي خان ٽوئيٽر تي هڪ وڊيو پيغام جاري ڪيو جنهن ۾ هن چيو ته مون هڪ اهڙي شخص جي وڊيو ڏٺي آهي جنهن خودڪشي ڪئي آهي جنهن کان پوءِ مان صدمي جي حالت ۾ آهيان

هن چيو ته ڪجهه ڏينهن اڳ هڪ صحافي نوڪري مان ڪڍڻ تي مهانگائي سبب پنهنجي جان ڏئي ڇڏي هئي

مشي خان حڪومتي ادارن کي اپيل ڪندي چيو ته خدارا اسان سڀني جي حڪومت کي اپيل آهي ته کائڻ پيئڻ جون شيون ستيون ڪيون وڃن، ماڻهو مري رهيا آهن ۽ توهان گذريل حڪومتن جون ڳالهيون ڪري رهيا آهيو، بس ڪيو، هن قوم تي رحم ڪريو، ماڻهو خودڪشيون ڪري رهيا آهن

ياد رهي ته ڪراچي جي 29 ورهين جي ذوهير بيروزگاري کان تنگ اچي مشهور شاپنگ مال جي ٽيئن ماڙ تان ٽپو ڏئي خودڪشي ڪئي هئي