کپرو (ن پ ا) کپرو لڳ ڳوٺ ڀڙي مان مبينا اغوا ڄاڻايل ناري ريکاري مسلمان ٿي حنيف بوزدار سان شادي ڪري ڇڏي. ڳوٺ ڀڙي واسڻ شريمتي ريکا ڌيءُ روپو ڪولهي مذھب مٽائي مسلمان ٿي محمد حنيف پٽ علي حسن بوزدار سان سيشن ڪورٽ ميرپورخاص ۾ پيش ٿي عدالت جي اجازت بعد پسند جي شادي ڪري ڇڏي، سندس اسلامي نالو صائمه رکيو ويو. جڏهن ته سندس ماءُ کپرو ٿاڻي تي اين سي داخل ڪرائي هئي ته سندس ڌيءُ کي اغوا ڪيو ويو آھي.