مٺي (رپورٽر) بدين ضلعي جي سيراڻي واري علائقي مان پسند جي شادي بعد مبينا طور اغوا ٿيل نوجوان ناري نسرين لنڊ زال حاجن گهراڻو تحفظ ۽ پناهه لاءُ مٺي ٿاڻي تي پهچي وئي. خبر موجب بدين ضلعي جي ڪڍڻ ٿاڻي جي حد مان هڪ مهينو اڳ پسند جي شادي بعد مبينا طور اغوا ڪيل نوجوان ناري نسرين لنڊ زال حاجن گهراڻو تحفظ ۽ پناھ لاءِ گذريل ڏينهن مٺي ٿاڻي تي پهتي. معلوم ٿيو آھي ته ناريءَ کي نامعلوم ماڻهن مڙس کان طلاق وٺڻ جي درخواست ڏيارڻ لاءِ مٺيءَ جي عدالت ۾ ناري مڙس کان طلاق وٺڻ جي درخواست ڏيڻ کان انڪار ڪندي تحفظ ۽ پناهه ڏيڻ جون دانهون ڪيون ته کيس وٺي آيل جوابدار کسڪي ويا ۽ ناريءَ کي موجود ماڻھن ۽ وڪيلن عدالت ويجهو قائم مٺي ٿاڻي تي وڃڻ جو مشورو ڏنو، جنهن بعد ناريءُ مٺي ٿاڻي تي پهچي تحفظ ۽ پناه لاءُ درخواست ڏني بدين واسڻ ناري نسرين لنڊ صحافين سان ڳالهائيندي ۽ پوليس کي درخواست ۾ موقف اختيار ڪيو ته هن حاجن گهراڻو سان پسند شادي ڪئي، جنهن تان برادري جي هٿياربندن اغوا ڪري بااثر امير راهمون وٽ قيد ڪري مڙس کان لاتعلقي لاءِ دٻاءُ ۽ تشدد ڪيو. ھن چيو ته آئون پنهنجي مڙس حاجن گهراڻو وٽ وڃڻ چاهيان ٿي. زندگي کي خطرو آھي، تحفظ فراهم ڪيو وڃي. معلوم ٿيو آھي ته ناريءَ جي مڙس حاجن گهراڻو پاران بدين جي سيشن ڪورٽ ۾ اغوا جي درخواست داخل ڪئي ويئي آھي پر ڪڍڻ پوليس ناريءَ کي عدالت ۾ پيش نه ڪري سگهي. پوليس موجب ناريءَ کي ڪڍڻ پوليس حوالي ڪيو ويندو.