کپرو (ن پ ا) گورمينٽ ايليمنٽري گرلس اسڪول کپرو مان چوري ٿيل ڏهه پکن مان پنج ڪاٻاڙي جي دڪان تان هٿ، دڪاندار گرفتار. کپرو شھر جي ايليمنٽري گرلس اسڪول کپرو مان 14ڏينهن اڳ نامعلوم چور 13 پکا ڇت وارا چوري ڪري ويا هئا جيڪي کپرو شھر مان ميرپوخاص روڊ تي امير بخش شر جي ڪاٻاڙي جي دڪان تان مليا، اهڙو اطلاع کپرو پوليس کي ڏنو ويو، دڪان مالڪ اميربخش شر کي پکن سميت گرفتار ڪري ورٿو جنهن کان پکا وڪرو ڪندڙ جي باري ۾ پڇا ڳاڇا ڪئي پئي وڃي.