هالا(ن پ ا) هالا شهر ۾ موجود موٽر سائيڪل بازار ۾ موجود رند موترسائيڪل شوروم تان موبائيل فون چوري ڪندڙ چور کي دڪاندارن پڪڙي ورتو، دڪاندارن پاران پڪريل چور کي سخت ڪٽڪو ڏيندي کيس هالا پوکيس حوالي ڪري ڇڏيو، پڪريل چور متعلق پوليس سندس نالو امتياز ڳهيلو ۽ مٽياري جو رهندڙ ٻڌايو ويو آهي. جڏهن شوروم مالڪ جو چوڻ آهي ته پڪريل نوجوان موبائيل فونون چوري ڪرڻ جو عادي ڏوهاري آهي هن هن واقعي کان پهرين به بازار ۾ گراهڪن جي رش دوران ڪيترن ئي دڪانن تان موبائيل فونون چوري ڪندي فرار ٿي ويندو هو ۽ اڄ کيس موبائيل چوري ڪندي سوگهو ڪيو ويو آهي.