ڪوٽڙي (رپورٽر) کاڻوٺ لڳ ڳوٺ چنيسر کوسو جي رهواسڻ عورت شاهده کوسو مٿان وحشي مڙس پاران سخت تشدد ڪري سندس نازڪ عضوي کي ڇريء سان جهير ڏيڻ جو انڪشاف ٿيو آهي. نوجوان عورت شاهده پاران مڙس تي نازڪ عضوي تي جهير ڏئي سخت تشدد ڪرڻ جو الزام لڳايو ويو آهي. سندس چوڻ آهي ته مڙس نشو کارائي زبردستي ڪرڻ سان گڏ تيز ڌار سان نازڪ عضوي تي جهير ڏنا ۽ تشدد ڪرڻ بعد منهنجي بيهوشي جي حالت ۾ فرار ٿي ويو، هوش ۾ آيس ته رتو رت هيس، جنهن بعد زخمي حالت ۾ پنهنجي والد جي گهر آيس. علاج لاء ڀاء ظهور سان گڏجي مانجهند اسپتال آياسين جتي پهرين ته پوليس جو ليٽر آڻڻ لاء چيو ويو جڏهن پوليس جو ليٽر کڻي وياسين ته هنن وري ليڊي ڊاڪٽر نه هجڻ جو عذر ڄاڻائي ڪوٽڙي موڪلي ڇڏيو، ڪوٽڙي اسپتال وارن وري سندن نالي تي نئون پوليس ليٽر آڻڻ لاء چيو جيڪو اڄ ٻيهر کڻي هتي پهتا آهيون، عورت شاهده کوسو موجب سندس پنج سال اڳ شادي ٿي هئي، کيس ڪوبه اولاد ناهي، مڙس علي نواز کوسو پنجن سالن کان تشدد ڪندو رهي ٿو. هن جو چوڻ هو ته هو کاڻوٺ پوليس وٽ وياسين پر انهن ڪوبه داد فرياد نه ڪيو. پوليس ميڊيڪل لاء ليٽر ڏئي موڪلي ڇڏيو ۽ پاڻ ۾ ٺاھ ڪرڻ جو چيو آهي، مانجهند مان ڪوٽڙي اسپتال آيا آهيون پر هتي ڊاڪٽر تعاون نٿا ڪن.کاڻوٺ پوليس موجب زال مڙس جو جهيڙو آهي، پاڻ ۾ ٺهي ويندا، عورت جي فرياد تي کيس ميڊيڪل لاء ليٽر ڏنو آهي، ميڊيڪل رپورٽ بعد جاچ ڪئي ويندي.