ڦيٿن وارو هڪ نئون جيٽ ڊرون تيار

0
210

ميلبورن (دلچسپ نيوز) بوئنگ ڪمپني پنهنجي ڊرون ۾ نواڻ آڻيندي ڪمپني طرفان پهريون ڊرون ٺاهيو آهي جيڪو ڦيٿن تي هلندڙ هوائي جهاز جيان ٽيڪ آف ڪندو آهي.ان کي ٽوٽل ونگ جو نالو ڏنو ويو آهي جنهن جا ڦيٿا سمورو وزن کڻندا آهن ۽ ان ۾ جهاز جهڙي طاقت به موجود آهي. هن جا لينڊز گيئر يعني ڦيٿا به مسافر جهاز جيان کلندا ۽ بند ٿيندا آهن. ان کان اڳ هڪ عرصي تائين ان جي ڍانچي ۽ ٻين پهلوئن تي ڪم ڪيو پئي ويو. جڏهن ته ڦيٿا سڀني کان آخر ۾ لڳايا ويا. ان حوالي سان آسٽريليا جي رائل ايئر فورس جي لاءِ 3 ڊزائينون ٺاهيون ويون آهن جيڪي لوئل ونگ ۾ ايڊوانسڊ ڊولپمينٽ پروگرام جو حصو آهن. پر هي عام ڊرون ناهي پر انساني ۽ غيرانساني جهازن سان گڏوگڏ اڏام به ڪري سگهندو ۽ هڪ وڏي مشن جو حصو به بڻجي سگهي ٿو.هن پوري منصوبي ۾ بوئنگ سان گڏ 16 مختلف ادارن به تحقيق ڪئي آهي جنهن جو مقصد ڊرون کي عالمي مارڪيٽ/ڏسو صفحو 8 بقايا 03
۾ پيش ڪرڻ آهي. ڊرن جي ڊيگهه 38 فٽ آهي جيڪا جديد ترين ڊجيٽل انجنيئرنگ ۽ نت نئين مٽيريل جو هڪ شاهڪار آهي. ان ۾ لڳل سينسر ضرورت موجب گراهڪ يا منشا جي تحت بدلائي سگهجن ٿا.