ٽنڊو محمد خان/ ملاڪاتيار (نمائندا) ملاڪاتيار ۾ ٽن اهلڪارن جي مبينا زيادتي جو شڪار نينگري جي جسم تي تشدد جا نشان ظاهر ٿيا آهن، جڏهن ته پوليس ٻن اڻڄاتل جوابدارن خلاف ڪيس داخل ڪري ڇڏيو آهي، وارثن پوليس تي جوابدار بچائڻ جو الزام هنيو آهي. ان ڏس ۾ ملاڪاتيار ٿاڻي جي حد ۾ 3 پوليس اهلڪارن جي مبينا اجتماعي لڄالٽ جو شڪار نينگري ساران ملاح جي پيرسن والد علي محمد ملاح جي فرياد تي ملاڪاتيار پوليس قلم 365بي – 337جي – 34پي پي سي تحت 2 نامعلوم جوابدارن خلاف ايف آءِ آر داخل ڪري ڇڏي آهي، جنهن ۾ فريادي پاڻ ڄاڻايو آهي ته سندس نوجوان ڌيءُ کي 2 ڄڻا زبردستي موٽر سائيڪل تي بيهوشي جي حالت ۾ کڻي ويا هئا، جنهن کانپوءِ کيس روڊ تي ڦٽو ڪري رات دير سان فرار ٿي ويا. پوليس اسان جي ايف آءِ آر داخل ڪئي آهي، روزاني پنهنجي اخبار ۽ ٽائيم نيوز ته خبر نشر ٿيڻ بعد پوليس ڪيس داخل ڪري نينگري کي بلڙي شاهه ڪريم رورل هيلٿ سينٽر ته ميڊيڪل چيڪ اپ لاءِ اماڻيو آهي، جتي موجوده ڊاڪٽرياڻي زبيده ٻڌايو آهي نينگري جزا وٺي ليبارٽري اماڻيا ويا آهن، رپورٽ اچڻ بعد زيادتي جي تصديق يا ترديد ٿي سگهي ٿي. هن وڌيڪ ٻڌايو ته نينگري کي پٺُي ۽ ٻانهن تي تشدد جا نشان ظاهر ٿيا آهن، جڏهن ته فريادي علي محمد ملاح جو چوڻ آهي ته منهنجي نياڻي سان ناانصافي ٿي آهي، پوليس اڃا تائين صرف ايف آءِ آر داخل ڪئي آهي پر ڪا به گرفتاري نه ڪئي آهي. علو ملاح پنهنجي اخبار آڏو دانهيندي ٻڌايو ته ملاڪاتيار پوليس ملوث اهلڪارن کي بچائي رهي آهي اسان سان ظلم ٿيو آهي. هوڏانهن متاثر نينگري پنهنجي ڀيڻ وٽ ڪوٽڙي ۾ رهيل هئي جتان هو پيءُ علو ملاح ۽ سندس مائٽ سسان ڪيس داخل ڪرڻ لاء ملاڪاتيار اچي رهي هئي ته ملاڪاتيار پوليس کيس قئنچي موري چيڪ پوسٽ وٽ روڪي 2 ڪلاڪ يرغمال ڪري آڏي پڇا ڪئي.