ڏيپلو (رپورٽ: نريش موراڻي) انتظاميا جي لاپرواهي سبب ڏيپلو شھر ۾ ڊرينيج سسٽم ناڪاره هجڻ ڪري هر سال برساتن ۾ شھر جا هيٺيائين وارا علائقا پاڻي هيٺ ھجن ٿا، ترقياتي ڪم نه ٿيڻ سبب شهر ۽ ڀرپاسي گندگي جا ڍير لڳل آهن، نالين جو ڪنو پاڻي بيٺل آهي، اسٽريٽ لائيٽ نه هجڻ ڪري شھر رات ۾ اونداهي ۾ ٻڏل نظر ايندو ، ٻي طرف شهري اتحاد اڳواڻن عمران باغي، نجم، ۔محمد اشرف بجير ۽ ٻين موجب ته ڪامورا بجيٽ هڙپ ڪري وڃن ٿا، ڪي به ترقياتي ڪم ناهن ٿيا، روڊ رستا تباهه ٿي ويا آهن، هنن چيو ته صفائي ملازم گهر ويٺي پگهارون کڻي رهيا آهن، ڪير دانهن ٻڌڻ وارو ناهي، نوٽيس وٺي ترقياتي ڪمن لاءِ آيل بجيت جي جاچ ڪرائي وڃي.