قاضي احمد (ن پ ا) قاضي احمد تعلقي جي ڪچي وارن علائقن ۾ سونهن جي علامت بڻيل سرڪاري ٻيلن مان بااثر ڌريون غير قانوني طور ھٿيارن جي زور تي قيمتي وڻن جي وڍائي ڪرائي خالي ٿيل سرڪاري زمين تي فصل پوکي مبينا قبضو  ڪرڻ وارو عمل تيز ٿي ويو آھي،  سرڪاري ٻيلن لاکاٽ ۽ ترڇي ٻيلي مان وڻن جي وڍائي ڪرائڻ واري الزام هيٺ فاريسٽ گارڊ الھ وسايو جمالي جي فرياد تي لاکاٽ پوليس ملوث ڄاڻايل جوابدارن يوسف ,لکو جوڻو ,عبدالجبار جتوئي ,ھادي بخش جتوئي ,ھمير جتوئي سميت 08 ڄڻن خلاف  26فارسٽ ايڪٽ قلم 147.149.435تحت ڪيس داخل ڪيو ويو آھي فريادي ڪيس ۾ موقف اختيار ڪيو آھي ته مذڪوره جوابدارن ترڇي ۽ لاکاٽ ٻيلي مان غير قانوني طور 35 ايڪڙن تي بيٺل  ٻٻر جي وڻن جي واڍي ڪرائي ٻيلي کاتي کي  10لک رپين جو نقصان جي نقصان جي دعوا ڪئي وئي  آھي.