ڏهرڪي (رپورٽ: اعظم سهرياڻي) 4 ڏينهن اڳ ڏهرڪي مان اغوا ٿي ويل 2 پورهيت تارا چند ۽ موهن لعل بازياب نه ٿي سگهيا آھن، هڪ مغوي موهن لعل جي وڊيو وائرل ٿي آھي، جنهن ۾ ڌاڙيل مغوي موهن لعل مٿان انسانيت سوز تشدد ڪري رهيا آھن، جنهن ۾ ڌاڙيل 50 لک رپيا ڀنگ طلب ڪري رهيا آھن ۽ مغوي موهن جيڪو پنهنجي ڀاءُ ڀورو لعل کي ايلاز ڪري رهيو آھي ته 50 لک رپيا ڀنگ پهچائي ڏيو نه ته هي مون کي قتل ڪري ڇڏيندا، موهن لعل جي اهڙي وڊيو وائرل ٿيڻ بعد مغوي جي گهر ۾ روڄ راڙو مچي ويو آھي، مغوي موهن لعل جي نياڻين وجنا، مينا، ڀاڳونتي، روشني، معصوم پٽ ڪئلاش اوڇنگارون ڏيندي چيو ته اسان ڌاڙيلن کي پوتيون ميڙ ڪريون ٿا ته اسان جي بابا کي بازياب ڪيو وڃي، اسان غريب آهيون، بکون ڪاٽي رهيا آهيون، ڌاڙيلن کي ڀنگ ڪٿان ڏينداسين، هنن مطالبو ڪيو ته بابا کي آزاد ڪيو وڃي، ٻي طرف موهن جي ڀاءُ ڀورو لعل ٻڌايو ته ڀاءُ تي جوابدارن پاران سخت تشدد ڪيو ويو آهي پوليس دانهن ٻڌڻ لاءِ تيار ناهي، هوڏانهن ڏهرڪي پوليس ٻڌايو ته مغوين جي بازيابي جي ڪوشش ڪري رهيا آھيون، جلد کين بازياب ڪرايو ويندو.