ڪراچي: غلام نبي ميمڻ جي روٽيشن پاليسي تحت سنڌ مان بدلي جا امڪان واضح ٿي ويا، ڪجهه عرصو اڳ وفاقي اسٽيبلشمينٽ ڊويزن سنڌ جي چيف سيڪريٽري کي هڪ خط لکي غلام نبي ميمڻ جون خدمتون گھريون هيون، خط ۾ ڄاڻايو ويو هو ته روٽيشن پاليسي تحت غلام نبي ميمڻ جون خدمتون واپس ڏنيون وڃن، ٻي صورت ۾ سندس 22هين گريڊ ۾ ترقي کي نقصان ٿيندو. ذريعن موجب عيد کانپوءِ غلام نبي ميمڻ جون خدمتون روٽيشن پاليسي تحت وفاق حوالي ڪيون وينديون. غلام نبي ميمڻ 21 مهينا 25 ڏينهن ايڊيشنل آءِ جي رهيو، هن ڪراچي ۾ ايس ايچ اوز جي مقرري لاءِ امتحانن جو طريقو متعارف ڪرايو، سندس ئي دور ۾ ٿاڻن کي اسٽيشنري ۽ ٻين خرچن لاءِ باقاعده بجيٽ ڏني وئي، غلام نبي ميمڻ جي دور ۾ ماڊل ٿاڻا پڻ ٺاهيا ويا، سندس دور ۾ ڪرپشن الزامن کي منهن ڏيندڙ ڪيترن ئي سب انسپيڪٽرن ۽ انسپيڪٽرن کي ٻيهر ايس ايچ اوز طور مقرري لاءِ نااهل قرار ڏنو ويو. ڪافي قدمن باوجود شهر ۾ اسٽريٽ ڪرائيم نه گھٽجي سگھيو