ڊکڻ (ن پ ا ) ڳوٺ جاڙو حجم جي رهواسڻ بيبي انور خاتون پنهنجي نياڻي ۽ معصوم ٻارڙن سميت برادري جي بااثرن خلاف دانهن کڻي ڊکڻ ٿاڻي تي پهچي ميڊيا آڏو دانهيندي الزام هڻندي چيو ته  اسرار شاھ، نثار شاھ، لعل شاھ، پريل شاھ، رجب شاھ، جاني شاھ ۽ ٻين گهر ۾ گهڙي منهنجي نياڻي سپنا شاھ سان زبردستي جي ڪوشش ڪئي، جوابدار ڳوٺ جا بااثر ماڻھو آهن، جنهن ڪري ڊکڻ پوليس انهن خلاف ڪارروائي نٿي ڪري، جڏهن ته بيبي سپنا چيو ته برادري جي بااثر نثار شاھ جو پٽ اسرار شاھ ۽ ٻين جوابدارن سان گڏجي مونکي اغوا ڪري زبردستي جي ڪوشش ڪئي آهي، جڏهن ته جوابدارن ڪپڙا ڦاڙي تشدد جو نشانو به بڻايو آهي، ملوث جوابدارن خلاف ڪارروائي ڪري انصاف فراهم ڪيو وڃي.هوڏانهن ڊکڻ پوليس ٻڌايو ته عورتن فرياد ڪئي آهي معاملي جي جاچ ڪري هنن کي انصاف فراهم ڪيو ويندو.