ڪوٽڙي (رپورٽر) آفيسرن جا فون اٽينڊ نه ڪرڻ واري معاملي تي ڊي سي ڄامشورو ۽ ميونسپل ڪاميٽي ٻولھاڙي جي چيف ميونسپل آفيسر وچ ۾ ڇڪتاڻ تيز ٿي وئي آهي، ان حوالي سان ڊي سي ڄامشورو ڪئپٽن فريد مصطفي’ سي ايم او ٻولهاڙي عابد ولي کوسو کي هٽائي اهل آفيسر مقرر ڪرڻ لاء سيڪريٽري لوڪل گورنمينٽ بورڊ کي ليٽر لکي ڇڏيو آهي. ڊي سي ڄامشورو سيڪريٽري لوڪل گورنمينٽ بورڊ کي ليٽر لکڻ جي تصديق ڪندي چيو ته سي ايم او عابد ولي کوسو خلاف عوامي شڪايتون آهن ته هو آفيس ۾ ڪنهن جو به ڪم نٿو ڪري، نه ئي هو سرڪاري ميٽنگس اٽينڊ ڪري ٿو گڏو گڏ ڪنهن جي فون به اٽينڊ نٿو ڪري، ڊي سي موجب سي ايم او ايمرجنسي ۾ منهنجي فون به اٽينڊ نٿو ڪري جنھن کان پوء مجبورن کاتي کي سندس جاء تي ڪنهن اهل آفيسر کي مقرر ڪرڻ لاء ليٽر لکيو ويو آهي. ڊي سي ڄامشورو موجب ڪوٽڙي جي سي ايم جي پوسٽ به گذريل هڪ مهيني کان خالي پيل آهي جنهن ڪري ملازمن توڙي عوام کي مسئلا در پيش اچي رهيا آهن، ان ڪري ڪوٽڙي جو سي ايم او مقرر ڪرڻ لاء به حڪومت کي ليٽر لکيو ويو آهي. هوڏانهن سي ايم او ٻولهاڙي عابد ولي کوسي رابطو ڪرڻ تي ٻڌايو ته هو پابندي سان ڊيوٽي ڪندڙ آهي ۽ سموريون ذميواريون پڻ ادا ڪري رهيو آهي، ڊي سي صاحب پاران هٽائڻ لاء لکيل ليٽر تي کيس حيراني ٿي آهي.