ڀٽ شاهه (ن پ ا) ڀٽ شاھ ڀرسان ڳوٺ درياخان ٽالپر مان نينگر پراسرار نموني گم ٿي ويو آھي. 14 ورھين جو صدورو مشوري ٻن ڏينھن کان مائٽن کي ھٿ نه اچي سگھيو آھي. گھر ڀاتي سخت پريشان آھن. وارثن پاران پوليس کي مدد جي اپيل ڪئي وئي آھي . نينگر جي والد الهھ رکيو مشوري جو چوڻ آھي ته منھنجو پٽ صدورو ٻن ڏينھن کان لاپتا ٿي ويو آھي نينگر جيئن گھران نڪتو ته ٻن ڏينھن کان واپس نه آيو آھي. علائقي اندر تمام گھڻي ڳولا ڪئي آھي پر اڃان تائين ڪوبه ڏس پتو ناهي پئجي سگھيو. ھن چيو ته اسان جي ڪنھن سان دشمني نه آھي پوليس معصوم نينگر جي ڳولا ۾ اسان جي مدد ڪري.