ڪورونا ويڪسين نالي خالي ٽڪو لڳائيندڙ گرفتار

0
419

رياض (دلچسپ نيوز) سعودي عرب ۾ هيلٿ ورڪر شهري کي ڪورونا ويڪسين جي نالي تي خالي ٽڪو لڳائي ڇڏيو آهي.عرب ميڊيا موجب سعودي عرب ۾ هڪ هيلٿ ورڪر سعودي شهري کي ڪورونا وائرس ويڪسين جي نالي تي دوا کان خالي سرنج جو ٽڪو لڳائي ڇڏيو جنهن کان پوءِ هيلٿ ورڪر کي گرفتار ڪيو ويو آهي. واقعي جي وڊيو سوشل ميڊيا تي وائرل ٿي وئي آهي. ان حوالي سان رياض ۾ صحت کاتي جي جنرل ڊائريڪٽوريٽ وضاحت ڪئي ته سوشل ميڊيا تي هلندڙ وڊيو جو تعلق ان واقعي سان آهي جنهن ۾ هڪ ايشيائي کي گرفتار ڪيو ويو آهي.ڊائريڪٽوريٽ چيو آهي ته وڊيو ۾ هڪ سعودي شهري کي هڪ اهڙو انجيڪشن لڳائيندي ڏٺو ويو جنهن ۾ ڪورونا کان بچاءُ جي ويڪسين ئي موجود نه هئي. جڏهن واقعي جي جاچ ڪئي وئي ته مذڪوره هيلٿ ورڪر جو تعلق رياض جي هڪ ميڊيڪل ڪاليج سان نڪتو جڏهن ته مذڪوره شهري سان به رابطو ڪري ان کي ضروري هيلٿ سروس ڏني وئي.سعودي اختيارين ان حوالي سان چيو آهي ته اهڙي طرح جو رويو هر صورت ۾ قبول جوڳو نه آهي ۽ نه ئي صحت واري وزارت جي منظور ٿيل طبي اصولن موجب آهي. بيان ۾ چيو ويو آهي ته واقعي جي سلسلي ۾ لاڳاپيل اختيارين وڌيڪ جاچ ڪري رهي آهي ۽ قانون موجب جيڪا به ڪارروائي ڪرڻي پئي اها ڪئي ويندي.