خيرپور (رپورٽر) خيرپور جي وڪيل ڊي سي، اي سي خيرپور سميت ستن ڄڻن خلاف درخواست داخل ڪرائي ڇڏي، بنيادي مسئلا حل ڪرائڻ جو مطالبو، مڙني عملدارن خلاف نوٽيس جاري. خبر موجب بنيادي مسئلا حل نه ڪرڻ تي خيرپور جي وڪيل امجد علي ميتلو طرفان داخل ڪرايل درخواست ٻڌڻيءَ لاءِ منظور ڪندي فرسٽ سول جج جي عدالت ڊپٽي ڪمشنر، اسسٽنٽ ڪمشنر، مختيارڪار، پبلڪ هيلٿ انجنيئر ۽ ايس ڊي او، مليريا سپروائيزر ۽ انجنيئر ڊرينيج ڊويزن اسڪارپ خيرپور خلاف نوٽيس جاري ڪندي کين جواب داخل ڪرائڻ جو حڪم جاري ڪيو آهي.