ڪنڊيارو (ن پ ا) ڪنڊيارو ڀرسان نينگري جي لاش هٿ اچڻ واري معاملي ۾ اڳڀرائي نه ٿي، پوليس ڪيس داخل نه ڪيو، خبر موجب ڳوٺ ڪبير گهانگهرو ۾ ٻه ڏينهن اڳ 10 ورهين جي نينگري جميلا گهانگهرو جو تشدد ٿيل لاش گهر ٻاهران مليو هو، جنهن جو اڃا تائين نه ڪيس داخل ٿيو آهي ۽ نه ئي ڪا گرفتاري عمل ۾ اچي سگهي آهي، ان سلسلي ۾ پوليس جو چوڻ آهي ته نينگري جا وارث اڃا ٿاڻي تي ناهن آيا، جڏهن ايندا ته ڪيس داخل ڪيو ويندو، معاملي جي جاچ ڪئي پئي وڃي.