شھدادپور (ن پ ا) شھدادپور جي اناج منڊي پاڙي مان 4 مهينا اڳ نوجوان پريتم ڀيل جو گهر مان ٽنگيل لاش ملڻ بعد سندس زال ۽ سالن تي داخل ٿيل قتل ڪيس بابت سول عدالت ۾ ٻڌڻي ٿي، جتي نوجوان جي پيءُ فريادي مجنون ڀيل پاران قبر ڪشائي بابت ڏنل درخواست عدالت رد ڪري ڇڏي، جڏهن ته پوليس جاچ مڪمل ڪري ڪيس ڪوڙو قرار ڏئي چالان عدالت ۾ پيش ڪيو، جنهن ۾ ڄاڻايو ويو ته فرياد ڪوڙ تي ٻڌل آهي، نوجوان پاڻ ڦاهو کائي آپگهات ڪيو، پوسٽ مارٽم رپورٽ ۾ به لڙڪڻ سبب موت جو ذڪر ٿيل آهي، قتل جا الزام ڪوڙا آهي، ڪيس خارج ڪيو وڃي، عدالت پوليس چالان رد ڪندي جوابدارن خلاف چالان پيش ڪرڻ جو حڪم جاري ڪيو، ٻئي طرف فريادي مجنون ڀيل موجب پٽ کي قتل ڪري ظلم ڪيو ويو، قبر ڪشائي جي درخواست رد ڪرڻ واري عدالتي فيصلي کي چئليج ڪندس، واضح رهي ته ڪيس جا جوابدار مقتول جي گهر واري زرينا ۽ سالا حلال ڀيل ۽ وزير ڀيل ضمانت تي آهن.