جيڪب آباد/ڳڙهي خيرو/ٺل/باهوکوسو (نمائندن وٽان) جيڪب آباد جي ڊي سي پاران ڊي ايڇ او کي گارگند ڪرڻ ۽ ڌمڪيون ڏيڻ خلاف مختلف شهرن ۾ پيرا ميڊيڪل اسٽاف ۽ ڊاڪٽرن بائيڪاٽ ڪري احتجاجي مظاهرا ڪيا ۽ ڌرڻا هنيا. جيڪب آباد ۾ ڊي سي ڊاڪٽر حفيظ سيال پاران ڊي ايڇ او ڊاڪٽر عبدالغفار رند کي گاريون ڏيڻ واري عمل خلاف صحت کاتي جي ملازمن اسپتال جي تالا بندي ڪري حسن رضا کوسو، ڊاڪٽر اي جي انصاري، بشريٰ آرائين، ڊاڪٽر اسلم ڪلھوڙو، ڊاڪٽر اشوڪ ڪمار کيٽپال، ڊاڪٽر نادر علي پنھور ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ احتجاجي مظاهرو ڪيو. ڳڙهي خيرو ۾ پاڪستان پيرا ميڊيڪل ايسوسيئيشن جي سڏ تي عملي اسپتال کي تالا لڳائي ڪم ڇڏ ھڙتال ڪئي. ٺل ۾ اسپتال جي ڊاڪٽرن ۽ عملي او پي ڊي جو بائيڪاٽ ڪري ڊاڪٽر غلام حيدر ٽانوري، ڊاڪٽر منير سومرو، ڊاڪٽر خير محمد سومرو، روشن نوناري، عبدالرحيم دايو ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ احتجاجي مظاهرو ڪري ڌرڻو هنيو. باهو کوسو ۾ صحت کاتي جي ملازمن ڊاڪٽر حبيب الرحمان جکراڻي ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ احتجاجي مظاهرو ڪيو. ان موقعي تي اڳواڻن خطاب ڪندي چيو ته ڊي سي ذھني مريض بڻجي چڪو آهي، هنن چيو ته ڊي سي جي بدزباني مان ثابت ٿئي ٿو ته ھو ڪميشن آفيسر نه پر اڻپڙهيل آهي، هنن چيو ته ھڪ سينيئر ڊاڪٽر کي سڀني جي سامھون گاريون ڏيڻ سندس ذھني بيماري کي ظاھر ڪري ٿو، هنن چيو ته ڊي سي جيڪب آباد جي معافي وٺڻ تائين احتجاج جاري رکيو ويندو.