جھول (ن پ ا) جھول شهر جي وارڊ نمبر3 جو رھواسي نوجوان پورهيت آصف پٽ عبدالرشيد عرف شيدا کرل ڪراچي جي شريف آباد واري علائقي مان گذريل هفتي کان  پر اسرار طور گم  ٿي ويو آهي، ان حوالي سان ان گم ٿيل نوجوان جي والد عبدالرشيد عرف شيدا کرل ٻڌايوته پٽ آصف ڪورنگي جي ھڪ فيڪٽري ۾ ڪم ڪندو ھو،گذريل آچر کان پر اسرار نموني گم ٿي ويو آهي، سندس ڪٿان به ڏس پتو ناهي پيو، هن مطالبو ڪيو ته نوٽيس وٺي پٽ جي ڳولا ۾ مدد ڪئي وڃي.