احمدپور(ن پ ا) وڏا مهيسر مان اغوا ڄاڻايل ناري سيما مهيسر ۽ نوجوان اظهار مهيسر کي پوليس هٿ ڪري ورتو آهي. ان ڏس ۾ وڏا مهيسر پوليس جو چوڻ آهي ته ناري سيما مهيسر کي جوابدار اظهار مهيسر فرار ڪري رهيو هو ته پپري اسٽاپ وٽ ڪارروائي ڪري ٻنهي کي هٿ ڪري ورتو آهي، جن کي عدالت ۾ پيش ڪيو ويندو، عدالت جي حڪم بعد ئي وڌيڪ ڪارروائي ڪئي ويندي. ياد رهي ته هڪ مهينو اڳ ناري سيما مهيسر مبينا طور اغوا ٿي هئي، جنهن جو ڪيس اظهار مهيسر سميت 4 ڄڻن تي اغوا جو ڪيس داخل ڪيو ويو هو.