خيرپور (رپورٽر) گذريل ڏينهن خيرپور ۾ بي سيڪشن ٿاڻي جي حد ڳوٺ وڏا سمنگ ڀرسان ميرواهه ڪينال ۾ ٻُڏي ويل نينگري هِيرَ ڌيءَ واحد بخش شيخ جو 24 ڪلاڪ گذرڻ باوجود لاش هٿ اچي نه سگهيو جنهن ڪري نينگريءَ جي وارثن ۾ روڄ راڙو متل آهي. ٻئي طرف ڊپٽي ڪمشنر خيرپور راجا طارق حسين چانڊيو ٻن ٻارڙن جي ميرواهه ڪينال ۾ ٻڏي وڃڻ جو نوٽيس وٺندي سکر مان نيوي جا ٽوٻا گهرائي ورتا آهن جيڪي نينگريءَ جي لاش جي ڳولها ڪري رهيا آهن. ياد رهي ته گذريل ڏينهن حد ڳوٺ وڏا سمنگ ڀرسانٻه معصوم ٻارڙا 6 سالن جو عبدالله ولد عبدالحڪيم شيخ ۽ 5 سالن جي هِيرَ ڌيءَ واحد بخش شيخ ميرواهه ڪينال ۾ ڪِري ٻُڏي ويا هئا جن مان نينگر عبدالله شيخ جو لاش ڳولها بعد هٿ ڪيو ويو هو جڏهن ته نينگريءَ جو لاش هٿ اچي نه سگهيو هو. هوڏانهن نفيسه شاهه ڳوٺ وڏا سمنگ ڀرسان ميرواهه ڪينال ۾ ٻڏي فوت ٿي ويل نينگر عبدالله شيخ جي وارثن وٽ پهچي ساڻن تعزيت ڪندي ڏک جو اظهار ڪيو ۽ سندن مالي مدد ڪرڻ جو پڻ اعلان ڪيو.