ڊالر کي ٻيهر جهٽڪو: 298 رپين تي پهتو: سون پڻ 221500 رپيا ٿي ويو

0
416
ڊالر ۾ تيزي اچي وئي : هڪ ڏينهن ۾3 رپيا مهانگو: سون 206500 رپين تي پهتو
ڊالر ۾ تيزي اچي وئي : هڪ ڏينهن ۾3 رپيا مهانگو: سون 206500 رپين تي پهتو

ڪراچي(ڪامرس ڊيسڪ) ڊالر کي ٻيهر جهٽڪو: 298 رپين تي پهتو: سون پڻ 221500 رپيا ٿي ويو، ان ڏس ۾ ڪراچي جي صرافه بازار ۾ سون 4000 رپيا لاٿ سان 225500 مان 221500 رپيا في تولو ٿي ويو

جڏهن ته عالمي مارڪيٽ ۾ سون 2 ڊالرن جي لاٿ سان 1961 ڊالر في آئونس تي بند ٿيو، هوڏانهن چاندي 20 رپيا لاٿ سان 2850 مان 2830 رپين تي پهتي هئي، ٻئي طرف ڊالر اوپن مارڪيٽ ۾ 8 رپيا لاٿ سان 306 مان 298 ۽ انٽر بينڪ ۾ 35 پئسا واڌ سان  287.97 رپيا  ٿي ويو

ان ڏس ۾ ايڪسچينج ڪمپنين جي چيئرمين ملڪ بوستان  جو چوڻ هو ته اڄ ڊالر  وڌيڪ 3 رپيا لاٿ سان 295 رپين تي پهچي ويندو، جنهن بعد انٽر بينڪ ۽ اوپن مارڪيٽ ۾ اگهه جو فرق گهٽجي  2 سيڪڙو رهجي ويندو

هن چيو ته  اسٽيٽ بينڪ جي هدايتن تي بينڪن ايڪسچينج ڪمپينن کي روڪيل 5 ملين ڊالر ادا ڪري ڇڏيا آهن، جڏهن ته اڄ وڌيڪ 50 ملين ڊالر ادا ڪيا ويندا،جنهن بعد ڊالر کي لغام اچي ويندو

هن چيو ته سرڪار پاران سمنڊ پار پاڪستانين لاءِ ڊائمنڊ ۽ گولڊن اسڪيمون شروع ڪرڻ سبب پرڏيهي ناڻي جي آمد 2 مان وڌي اڍائي کان 3 ارب ڊالر تي پهچي ويندي، ٻئي طرف  پائونڊ  ۽ يورو هڪ رپيو لاٿ سان 380 مان 379 ۽ يور 324 مان 323 رپين تي پهتا هئا