سمنڊ جون ويرون چڙهي اچڻ ڪري ڪيٽي بندر جي ڪيترن ئي ڳوٺن ۾ پاڻي داخل

0
317

تيز ھوائن لڳڻ سبب ڪيٽي بندر جي حجامڙو ڪريڪ تي ڪافي ڳوٺن ۾ سمنڊ جون ويرون چڙهڻ ڪري سمنڊ جو کارو پاڻي گھرن داخل ٿي ويو آهي

ٻئي پاسي ڳاڙهو ويجھو ڳوٺ حيات جت کي ڏنل بچاءُ بند ٽٽڻ ڪري کارو ڳوٺ ۾ سمنڊ جو پاڻي داخل ٿي ويو آهي، گهارو ٻڌڻ لاءِ ڳوٺاڻا پنھنجي مدد تحت ڪوشش ڪري رهيا آهن

رات دير سان ڪيٽي بندر شھر کي ضلعي انتظاميه پوليس ۽ فوج جي مدد سان شھر کي خالي ڪرائي ڇڏيو آهي جڏهن ته ڊي سي ٺٽو غلام فاروق سومرو جي سخت ھدايت تي کارو ڇاڻ جي 10 ڳوٺن مان پڻ ماڻهن کي ڪڍيو پيو وڃي

ڪيٽي بندر جي ھن ريسڪيو آپريشن جاري آهي جنهن جي نگراني ڊي سي ٺٽو، پ پ ايم پي اي حاجي علي حسن زرداري، ايم پي اي سيد رياض شاهه شيرازي  ڪري رھيا آھن

ھوڏانھن ڊي سي ٺٽو جو چوڻ آهي ته ضلعي انتظاميه ڏھ رليف ڪئمپس قائم ڪيون آهن، انھن رليف ڪئمپن ۾ رھندڙ ماڻھن کاڌ خوراڪ ۽ پاڻي نه ھئڻ جون شڪايتون پڻ ڪيون آهن

هي به پڙهندا

ٺٽي، بدين، سجاول، کاروڇاڻ ۽ ٻين سامونڊي علائقن مان هزارين ماڻهو محفوظ هنڌن ڏانهن منتقل