ڪنڌڪوٽ ۾ بدامني ۽ معصوم ٻارن جي بازيابي لاءِ شٽربند هڙتال، ڌرڻو

0
306
ڪنڌڪوٽ ۾ بدامني ۽ معصوم ٻارن جي بازيابي لاءِ شٽربند هڙتال، ڌرڻو
ڪنڌڪوٽ ۾ بدامني ۽ معصوم ٻارن جي بازيابي لاءِ شٽربند هڙتال، ڌرڻو

ڪنڌڪوٽ ( رپورٽر) ڪنڌڪوٽ ۾ بدامني ۽  ٻارڙن کي سميت مغوين کي بازياب ڪرائڻ ۾ پوليس جي ناڪامي تي شهري سراپا احتجاج بڻيل آهن، شهر ۾ شٽربند هڙتال ڪئي وئي آهي

جماعت اسلامي جي سڏ تي معصوم ٻارڙي عظيم ميڻڪ، ڪوثرکوسو، نازيا بيبي سميت ٻين جي بازيابي لا شهر ۾ شٽربند ھڙتال ڪئي وئي آهي جنهن سبب مک بازارن سميت ننڍا وڏا دڪان بند پيل آهن

ان سلسلي ۾ اڳواڻن جو چوڻ آهي ته شهر سميت سڄي ضلعي ۾ بدامني چوٽ چڙهيل آهي، اغوا، چوري، ڦر توڙي قتل جون وارداتون معمول بڻيل آهن پر پوليس پنهنجي ذميواري پوري ڪرڻ ۾ مڪمل طور ناڪام بڻيل آهي

مظاهرين جو چوڻ هو ته بدامني جي ڪري شهر ويران ٿي رهيو آهي پر اختياريون امن جي بحالي لاءِ ڪي ڪوششون نه پيون ڪن جنهن جي ڪري ڪيترن ئي ڏينهن کان احتجاج ڪرڻ تي مجبور آهيون

اڳواڻن چيو ته ڪنڌڪوٽ شهر سميت ضلعي ۾ امن قائم ڪرائڻ سان گڏ اغوا ٿي ويلن کي بازياب ڪرايو وڃي ٻي صورت ۾ اسان وٽ مين شاهراهه تي ڌرڻو هڻن کانسواءِ  ٻيو ڪو ڪو دڳ نه آهي

هي به پڙهندا

ڪنڌڪوٽ ۽ گهوٽڪي ۾بدامني ۽ اغوا واقعن خلاف شٽربند هڙتال