ڪراچي (ڪامرس ڊيسڪ ) ڊالر جي مٿانهين اڏام، 7 مهينن بعد 161.95 (162) رپين تي پهچي ويو، سون به 400 رپيا مهانگو، ان ڏس ۾ سون 400 رپين جي واڌاري سان 109500 مان 109900 رپيا في تولو تي پهچي ويو، جڏهن ته چاندي وري20 رپين جي لاٿ سان 1470 مان 1450 رپيا ٿي وئي، ٻئي طرف اوپن مارڪيٽ ۾ ڊالر هڪ رپيو 35 پئسا واڌ سان 160.6 مان 161.95 رپين تي پهتو، جڏهن ته پائونڊ 50 پئسا اضافي سان 221.5 مان 222 رپيا ٿي ويو، هوڏانهن يورو 50 پئسا لاٿ سان 188.5 مان 188 رپين تي پهتو