اسلام آباد(بيورورپورٽ) آرمي چيف جنرل قمر جاويد باجوه سان پاڪستان ۾ مقرر چين جي سفير نونگ رونگ ملاقات ڪئي. آرمي چيف داسو بس واقعي تي چيني حڪومت ۽ عوام خاص ڪري سوڳوار خاندانن سان دلي همدردي جو اظهار ڪيو. آءِ ايس پي آر موجب آرمي چيف جنرل قمر جاويد باجوه چيو ته پاڪ فوج چين سان پنهنجي پراڻي ڀائراڻن لاڳاپن جو گهڻو قدر ڪري ٿي. آرمي چيف پاڪستان ۾ ڪم ڪندڙ چيني شهرين جي مڪمل سپورٽ، سهڪار ۽ سيڪيورٽي جي خاطري ڪرائي. ان موقعي تي سندس چوڻ هو ته اسان امن جي لاءِ ڪم پيا ڪيون، اسان کي پنهنجي عزم کي چيلينج ڪندڙ سمورين دشمن قوتن جي ناڪام ارادن کي ناڪام بڻائڻ ۽ خاص ڪري پاڪ چين اسٽريٽجڪ ڀائيواري کي لاڳو خطرن کي منهن ڏيڻ جي لاءِ مستحڪم رهڻ جي ضرورت آهي.