اسلام آباد(بيورورپورٽ) پاڪستان جي حڪومت افغان سفير جي ڌيءُ جي اغوا جي امڪان کي رد ڪندي چيو آهي ته شاهدين مان لڳي ٿو ته سفير جي ڌيءُ اغوا نه ٿي آهي. جڏهن ته افغان سفير جي ڌيءُ جي مبينا اغوا بعد سفير خاندان سميت پاڪستان ڇڏي ويو آهي. مليل اطلاعن موجب پاڪستان اسلام آباد مان افغان سفير نجيب الله علي خيل جي ڌيءُ سلسله علي جي مبينا اغوا جي جاچ مڪمل ڪري ورتي آهي. حڪومت جو چوڻ آهي ته دستياب ثبوتن جي بنياد تي چئي سگهجي ٿو ته افغان سفير جي ڌيءُ کي اغوا ڪرڻ جو تاثر غلط آهي. پريس ڪانفرنس ڪندي پرڏيهي وزير شاهه محمود قريشي چيو ته 16 جولاءِ تي اسلام آباد ۾ هڪ افسوسناڪ واقعو پيش آيو جنهن بعد عملدارن افغان سفارتخاني ۽ قونصل خانن جي سيڪورٽي وڌائي ڇڏي آهي. کنيل قدم افغان پرڏيهي وزير سان به شيئر ڪيا آهن. هن چيو ته هن ڪيس جي ڪابه ڳالهه لڪائڻي ناهي. اسان جي خواهش آهي ته دنيا جي سامهون حقيقتون رکون ۽ چاهيون ٿا ته جوابدارن کي گرفتار ڪريون ۽ انهن کي سزا ڏيون. اسان کي افغان سائيڊ کان ڪجهه تفصيل گهربل آهن جنهن تي افغان پرڏيهي وزير چيو ته جاچ ۾ اسان سهڪار ڪنداسين. هن چيو ته وزيراعظم ذاتي طور تي سمورو معاملو ڏسي رهيو آهي. هن واقعي جي جاچ جا جيڪي به نتيجا نڪرندا اهي عوام سان شيئر ڪيا ويندا. ان موقعي تي قومي سلامتي جي صلاحڪار معيد يوسف چيو ته هر هر چئون ٿا ته پاڪستان هاءِ برڊ وار جي نشاني تي آهي، ۽ هن ڀيري به ڀارت جي هڪ تصديق ٿيل اڪائونٽ تان افغان سفير جي نقلي تصوير هلائي وئي. آءِ جي اسلام آباد تفصيل ٻڌائيندي چيو ته هي مڪمل بلائنڊ ڪيس هو جنهن ۾ اسان 300 ڪئميرائن جي 700 ڪلاڪن کان مٿي جي وڊيوز جو جائزو ورتو ۽ 220 کان وڌيڪ ماڻهن جا بيان ورتو. هن چيو ته سڀ خبر پئجي وئي ته افغان سفير جي ڌيءُ گهران نڪري ڪٿي ڪٿي وئي، اسان پوري روٽ جو پتو لڳائي ورتو آهي ۽ تصديق به ڪري ورتي آهي. جاچ مڪمل ڪري ورتي آهي، هن واقعي جو جيڪو تاثر ڏنو پئي ويو ائين ناهي. ان کان اڳ پرڏيهي وزير شاهه محمود قريشي افغان هم منصب حنيف اتمر سان رابطو ڪيو، فون تي رابطي دوران شاهه محمود قريشي چيو ته 16 جولاءِ تي پيش آيل واقعي ۾ ملوث جوابدارن کي جلد گرفتار ڪيو ويندو، اميد آهي ته افغان حڪومت پنهنجو سفير ۽ سفارتڪارن کي واپس گهرائڻ واري فيصلي تي نظرثاني ڪندي. هوڏانهن خانگي ٽي وي چئنل جي پروگرام ۾ ڳالهائيندي وفاقي گهرو وزير شيخ رشيد چيو آهي ته افغان سفير جي ڌيءَ جي بيانن ۾ تضاد آهي، ان جي سامهون سمورا فوٽيج جتي جتي ڇوڪري وئي، سمورا فوٽيج اسان وٽ موجود آهن. هن چيو ته ڇوڪريءَ دامن ڪوه ۾ انٽرنيٽ استعمال ڪئي، اسان چئني ٽيڪسي ڊرائيورن جو پتو به لڳائي ورتو آهي، پرڏيهي وزارت معاملي کي بهتر طريقي سان ڏسندي. ٻئي طرف اسلام آباد ۾ افغان سفير نجيب الله علي خيل پنهنجي ڪٽنب سميت اسلام آباد مان هليو ويو آهي، سرڪاري ۽ سفارتي ذريعن موجب سفير ترڪش ايئرلائينز جي فلائٽ ۾ روانو ٿيو.