ڪراچي (ڪامرس ڊيسڪ) ڊالر کي پر لڳي ويا: ٻيهر 300 (199.70  رپيا ) رپين تي پهچي ويو: سون 100 رپيا سستو، ان ڏس ۾ ڪراچي جي صرافه بازار ۾ سون 100 رپيا لاٿ سان 233100 مان 233000 رپيا في تولو ٿي ويو، جڏهن ته عالمي مارڪيٽ ۾ سون 18 ڊالر جي گهٽتائي  سان 1988 ڊالر في آئونس تي پهتو، ٻئي طرف چاندي 20 رپيا اضافي سان 2900 مان 2920 رپين تي پهتي، هوڏانهن ڊالر اوپن مارڪيٽ ۾ 1.70 رپيا واڌ سان 298 مان 299.70 ۽ انٽر بينڪ ۾ 44 پئسا اضافي سان 285.40 رپين تي بند ٿيو، جڏهن ته پائونڊ 369 ۽ يورو 321 رپين تي برقرار رهيا