پي ٽي آءِ فوجي ٺڪاڻن تي حملن کانپوءِ ڀڃ ڊاهه جو شڪار

0
137
پي ٽي آءِ فوجي ٺڪاڻن تي حملن کانپوءِ ڀڃ ڊاهه جو شڪار
پي ٽي آءِ فوجي ٺڪاڻن تي حملن کانپوءِ ڀڃ ڊاهه جو شڪار

پي ٽي آءِ فوجي ٺڪاڻن تي حملن کانپوءِ ڀڃ ڊاهه جو شڪار ٿي وئي آهي، ڪراچي مان ايم اين اي محمود مولوي جي استعيفا بعد پنجاب مان عامر ڪياني سياست تان ئي هٿ کڻي ويو

عامر ڪياني پي ٽي آءِ جي رُڪنيت سوڌو سمورا عهدا ڇڏڻ جو اعلان ڪيو آهي

 عامر محمود اين اي 61 تان چونڊيل ايم اين اي ۽ پي ٽي آءِ جو ايڊيشنل سيڪريٽري جنرل هو

 عامر ڪياني چيو آهي ته 9 مئي جي واقعن تي تڪليف ٿي آهي، اسان جي بقاء الله کانپوءِ فوج سان ڳنڍيل آهي، پي ٽي آءِ کان شروع ڪيل سياسي سفر 27 سالن بعد ختم ڪريان ٿو، وڌيڪ سياست جو حصو نٿو ٿيڻ گهران، رڳو پي ٽي آءِ نه پر سياست به ڇڏي رهيو آهيان

 پنجاب جي صوبائي تڪ پي پي 148 تي پي ٽي آءِ جي ٽڪيٽ هولڊر ميان عباد فاروقي پارٽي جي ٽڪيٽ واپس ڪري ڇڏي

 پنهنجي وڊيو بيان ۾ عباد فاروقي چيو آهي ته ياسمين راشد، محمود الرشيد ۽ ٻي قيادت گهرائي چيو ته ڪور ڪمانڊر هائوس کي باهه ڏيڻي آهي، اداري کي باهه ڏيڻ سان ملندڙ ٽڪيٽ مونکي نٿي گهرجي

 سنڌ اسيمبلي ۾ پي ٽي آءِ جي ايم پي اي سنجي گنگواڻي به پي ٽي آءِ ۽ سياست ڇڏڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو، 9 مئي تي فوجي ٺڪاڻن تي ٿيل حملن جي مذمت  ڪئي آهي

ٻئي پاسي

سنڌ اسيمبلي ۾ پي ٽي آءِ ايم  پي اي سنجي گنگواڻي به پي ٽي آءِ ۽ سياست ڇڏڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو آهي، سنجي گنگواڻي پاران 9  مئي تي فوجي ٺڪاڻن تي  ٿيل حملن جي مذمت ڪئي وئي آهي

هن کي به پڙهندا

شهيدن جي  يادگارن جي بي حرمتي برداشت نه ڪبي: آرمي چيف جنرل عاصم منير

عمران خان اڄ بدران سڀاڻي کان احتجاجي مظاهرا شروع ڪرڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو