ممبئي(شوبز نيوز) اڀيشيڪ ۽ ايشوريا راءِ جي شادي تي اهي افواهه به گردش ڪندا رهيا ته اداڪارا جي ڪنڊلي اڀيشيڪ جي ڪنڊلي سان نٿي ملي ۽ ايشوريا ”مانگلڪ“ آهي. جنهن جي ڪري اداڪارا اڀيشيڪ سان شادي کان اڳ وڻ سان شادي ڪرائي ويندي. هندو مذهب ۾ اهو مڃيو ويندو آهي ته جيڪو به شخص مانگلڪ هوندو ته ان جو همسفر مڙس يا زال شادي جي ٿوري ئي عرصي کانپوءِ زندگي وڃائي ويهندو. انڪري اَپ شگون سان بچڻ لاءِ ان شخص جي اڳ ۾ ڪنهن وڻ يا جانور سان شادي ڪرائي ويندي آهي. اها خبر ان وقت ڦهلجڻ شروع ٿي هئي جڏهن اڀيشيڪ جي گهروارن اهو اعلان ڪيو ته شادي انهن جي رهائش گاهه ”جوهو“ ۾ ٿيندي. هڪ انٽرويو ۾ ايشوريا چيو هو ته سمجهه کان ٻاهر آهي ته اها ڳالهه ڪٿان آئي؟ آئون جڏهن به ٻاهر ويندي آهيان ته ماڻهو پڇندا آهن ڇا توهان جي وڻ سان شادي ٿي هئي؟ ايشوريا موجب ڀارتي ميڊيا شادي منهنجي شادي جي حوالي سان انتهائي غير ذميواراڻي رپورٽنگ ڪئي جنهن جو کيس ڏک آهي. جڏهن ته اميتاب بچن هڪ انٽرويو ۾ ان ڳالهه جي سختي سان ترديد ڪندي چيو ته ڪٿي آهي اهو وڻ؟ ڏيکاريو مونکي!، ايشوريا جي شادي رڳو منهنجي پُٽ سان ٿي آهي، توهان کڻي ائين سمجهو ته اهو وڻ منهنجو پُٽ ئي آهي.