ڪراچي (اسٽاف رپورٽر ) ڪراچي ۾ ڇاڇري واسي گهريلو ملازم نينگر کي تشدد ذريعي قتل ڪرڻ واري ڪيس ۾ جوابدارن جي ضمانت واري درخواست رد، ڪالهه ايڊيشنل ڊسٽرڪٽ اينڊ سيشن ڪورٽ  اوڀر ۾ 12 ورهين جي گهريلو ملازم کي تشدد ڪري قتل ڪرڻ واري ڪيس ۾ بنگلي جي مالڪياڻي شيرين اسد ۽ ٻارن کي ملازمت ڏياريندڙ سليم جي ضمانت واري درخواست جي ٻڌڻي ٿي، مقتول نينگر وار ڌر جي وڪيل صدام حسين چيو ته جوابدارن معصوم نينگر کي قتل ڪيو آهي، بنگلي  جي مالڪياڻي شيرين اسد نينگر تي وحشياڻو تشدد ڪيو ھو، جنهن سبب هن دم ڏنو آهي، مقتول نينگر جي والد جي فرياد تي بنگلي  جي مالڪياڻي شيرين اسد خلاف ڪيس داخل ٿيل آھي، عدالت ٻنهي جوابدارن جي ضمانت واري درخواست رد ڪري ڇڏي.