حيدرآباد (بيورو رپورٽ) سول جج جڊيشل مئجسٽريٽ نمبر 9 جي عدالت ناري اقرا مشوري قتل ڪيس ۾ گرفتار جوابدار کي 3 ڏينھن جي جڊيشل رمانڊ تي جيل اماڻي ڇڏيو آهي. ايئرپورٽ پوليس اقرا جي قتل ڪيس ۾ گرفتار جوابدار غيور عباس ڪليار کي رمانڊ پورو ٿيڻ بعد عدالت ۾ پيش ڪيو. جاچ آفيسر عدالت کي آگاهي ڏني ته انهن جوابدار کان جاچ مڪمل ڪري عبوري چالان پيش ڪيو آهي ۽ ايندڙ شنوائي تي پڪو چالان به پيش ڪندا. جاچ آفيسر عدالت کي اهو به ٻڌايو ته جاچ دوران جوابدار غيور عباس ڪليار ناري اقرا کي قتل ڪرڻ جو به اعتراف ڪري چڪو آهي. عدالت جاچ آفيسر جو بيان ٻڌڻ بعد جوابدار کي 3 ڏينھن جي جڊيشل رمانڊ تي جيل موڪلڻ جو حڪم ڏيندي کيس 31 مارچ تي ٻيهر پيش ڪرڻ جو حڪم ڏنو. واضح رهي ته 15 ڏينهن اڳ ناري اقرا مشوري ڪوهسار جي علائقي سچل سرمست روڊ تان زخمي حالت ۾ هٿ آئي هئي جنهن اسپتال نيئندي دم ڏنو. وحدت ڪالوني سان تعلق رکندڙ بيوٽي پارلر تي ملازمت ڪندڙ ناري جي چاچي عاشق مشوري جي فرياد تي پوليس ٻن سڃاتل جوابدارن غيور عباس ڪليار ۽ دائود سميت 3 ڄڻن خلاف ڪيس داخل ڪيو هو جنهن بعد جوابدار غيور عباس پاڻ پيش ٿي گرفتاري ڏني. پوليس اڃا تائين دائود سميت ٻئي جوابدار کي گرفتار ناهي ڪري سگهي.