چيلھار (ن پ ا) چيلهار ويجهو نوجوان مدن پٽ ڀيرو ميگھواڙ موٽرسائيڪل تي گھر کان شھر اچي رھيو ھو ته مين روڊ تي موٽرسائيڪل ڪنٽرول مان نڪري سامھون مين روڊ تي بيٺل بس کي ٽڪرائجي ويو، جنهن سبب ڌڪ لڳڻ سبب نوجوان بيھوشي ٿي ويو. نوجوان کي چيلھار اسپتال پھچايو ويو.