ٽنڊوآدم (ن پ ا) ٽنڊوآدم جي کڏ پاڙي جي 3 مھينا اڳ ۾ ملڪيت جي تڪرار تان مبينا طور جوابدارن ارشد چوھاڻ، حميدا ارشد، انوري بيگم جي تشدد ۾ فوت ٿيل عورت زبيدا زال انور چوھاڻ جي ايف آءِ آر داخل ٿيڻ کان پوءِ وارثن پاران پريس ڪلب آڏو پوسٽر کڻي علامتي بک هڙتال ڪئي وئي. ان موقعي تي ڪيس جي فريادي انور چوھاڻ ۽ ٻين دانھيو ته جوابدارن 3 مھينا اڳ زال تي تشدد ڪري قتل ڪيو ويو جيڪو ڪيس سٽي ٿاڻي تي داخل ٿيل آھي پر پوليس جوابدارن جي ڌر بڻيل آهي گرفتار ڪرڻ بجاءِ پوليس اسان کي ڌمڪيون پئي ڏي ته راڄوڻي ڪريون ٻي صورت ۾ اوهان تي ڪاؤنٽر ايف آءِ آر داخل ڪنداسين. ھنن چيو ته اسين مسڪين آھيون اسان کي انصاف ڏئي جوابدار گرفتار ڪيا وڃن ۽ تحفظ ڏنو وڃي.