ٺٽو (رپورٽر) ٽنڊي محمد خان جي ناري سجاول جي نوجوان سان حيدرآباد جي عدالت ۾ نڪاح ڪري ڇڏيو، جوڙو تحفظ لاءِ ٺٽي پھتو. ٽنڊي محمد خان ضلعي جي ڳوٺ دودو ناظم جاکرو جي رھواسڻ راڻي سجاول ضلعي جي ڳوٺ حسن جاکرو جي رھواسي محمد رزاق جاکرو سان سيشن ڪورٽ حيدرآباد ۾ پسند جي شادي ڪرڻ بعد دربدري واري زندگي گھارڻ تي مجبور آهي. پسند جي شادي ڪندڙ ناري راڻي صحافين کي ٻڌايو ته وارثن ھڪ پوڙھي شخص سان شادي ڪرائڻ ٿي چاھي، تنھن ڪري گھران نڪري محمد رزاق جاکرو سان حق نڪاح ڪيو آھي. اهڙي قدم کڻڻ بعد مائٽ ويري بڻجي ويا آھن، جن مان مالي ۽ جاني نقصان جو خطرو آھي. ھِن آءِ جي سنڌ سميت لاڳاپيل اختيارين کان مطالبو ڪيو ته کين تحفظ فراھم ڪيو وڃي.