چوڌري صاحب توهان دير ڪري ڇڏي: زرداري ۽ شجاعت ملاقات جي اندروني ڪهاڻي سامهون اچي وئي

0
307
چوڌري صاحب توهان دير ڪري ڇڏي
چوڌري صاحب توهان دير ڪري ڇڏي: زرداري ۽ شجاعت ملاقات جي اندروني ڪهاڻي سامهون اچي وئي

مخالف ڌر جي اتحاد پاڪستان ڊيموڪريٽڪ موومينٽ جي سربراهه مولانا فضل الرحمان ۽ اڳوڻي صدر آصف علي زرداري سان چوڌري شجاعت جي ملاقات جي اندروني ڪهاڻي سامهون اچي وئي آهي

ذريعن موجب فضل الرحمان ۽ آصف علي زرداري پرويز الاهي کي پنجاب جو وڏو وزير بڻائڻ کان معذرت ڪري ورتي

ذريعن جو چوڻ آهي ته چوڌري شجاعت آصف زرداري کي ٻڌايو هو ته هو جن شرطن تي پرويز الاهي کي وڏو وزير بڻائڻ چاھيو پئي، اسان تيار آهيون

آصف علي زرداري چوڌري شجاعت کي جواب ڏيندي چيو ته چوڌري صاحب توهان گهڻي دير ڪئي، توهان وقت تي فيصلو نه ڪيو ان ڪري اسان ٻين آپشنز تي ڪم ڪيو

آصف علي زرداري چيو ته هن شهباز شريف جي دعوت قبول ڪرڻ کان پوءِ انڪار ڪيو، اهو سياسي آداب جي خلاف آهي، توهان منهنجي لاءِ عزت وارا آهيو، ان ڪري ن ليگ جي قيادت سان آپشن تي ئي ڳالهه ڪري سگھجي ٿي.

مسلم ليگ ق جي اپوزيشن جي حمايت جي صورت ۾ آپشن بي سامهون اچي ويو

ذريعن جو چوڻ آهي ته آپشن بي تي حتمي فيصلي جو اختيار ميان نواز شريف کي ڏنو ويو

ذريعن جو چوڻ آهي ته آپشن بي تحت اپوزيشن اسپيڪر پنجاب اسيمبلي پرويز الاهي خلاف بي اعتمادي رٿ نه آڻيندو ۽ مسلم ليگ (ق) موجوده وفاق ۾ نمائندگي جاري رھندي

ھي به پڙھندا

چوڌري شجاعت زرداري هائوس پهچي ويو، بي اعتمادي واري رٿ تي مشاورت ڪئي وئي