چوري ختم ناهي ٿيڻي، بل ادا ڪرڻ تائين عوام کي سستي بجلي نه ملندي: وفاقي وزير

0
145

اسلام آباد: نگران توانائي وزير  محمد علي ۽ سڌ سماءَ واري وفاقي وزير مرتضيٰ سولنگي چيو آهي ته بجلي چوري ختم ناهي ٿيڻي ۽ بل ادا ڪرڻ تائين عوام کي سستي بجلي نه ملندي، بجليءَ جي وڌندڙ قيمتن جي عنصرن ۾ بجلي چوري اهم عنصر آهي، بجليءَ جي وڌندرن قيمتن جي  عنصرن ۾ بجليءَ جي چوري سڀ کان  اهم عنصر آهي

گڏيل پريس ڪانفرنس دوران سڌ سماءَ جي نگران وفاقي وزير مرتضيٰ سولنگي چيو ته 589 ارب رپين جي بجلي هر  سال چوري ٿي رهي آهي، توانائيءَ جي شعبي ۾ اصلاحن  جي سخت ضرورت آهي

توانائي واري نگران وفاقي وزير محمد چيو ته پاڪستان ۾ 10 ڊسٽري  بيوشن ڪمپنيون موجود آهن، هر علائقي ۾ بجلي چوري  ۽ رڪوريءَ جي صورتحال  مختلف آهي

هن چيو ته بجلي چوريءَ جي ڪري بلن جي ادائيگي ڪندڙ صارفن کي وڌيڪ اگھه ڏيڻا پون ٿا، گھريلو صارفن ۾ به ڪجھه  بجلي چوري ڪندا آهن ۽ ڪجھه بل ئي ناهن ادا ڪندا

هنن جو چوڻ هو ته بجلي چوريءَ جا ڪيس ٻڌڻ لاءِ خاص عدالتن جو قيام غور هيٺ آهي، چوري روڪڻ لاءِ ڪريڪ ڊائون شروع ڪيو ويندو

هي به پڙهندا

سون هڪ ڏينهن ۾ 6300 رپيا سستو، چاندي جي اگه ۾ به گهٽٿائي