سون هڪ ڏينهن ۾ 6300 رپيا سستو، چاندي جي اگه ۾ به گهٽٿائي

0
351
سون 200 رپيا مهانگو: ڊالر 287.5 رپين تي بيٺل
سون 200 رپيا مهانگو: ڊالر 287.5 رپين تي بيٺل

ڪراچي(ڪامرس نيوز) سون جي اگهه ۾ هڪ ڏينهن اندر تمام وڏي گهٽتائي ٿي. آل پاڪستان جيمز اينڊ جيولرز ايسوسيئيشن موجب ڪالهه سون جي اگهه ۾ 6300 رپيا تولو گهٽتائي ٿي وئي. رپورٽن موجب ڪالهه سونارا مارڪيٽ ۾ سون جي قيمت ۾ گهٽتائي نظر آئي

في تولي جي قيمت 6300 رپيا گهٽجي وئي. هڪ ڏينهن اڳ سون جو تولو 2 لک 39 هزار 100 رپين جو هو جيڪو ڪالهه گهٽجي 2 لک 32 هزار 800 رپين جو ٿي ويو

لاڙڪاڻي جي سونارا مارڪيٽ ۾ سون جو اگهه 2 لک 31 هزار 500 رپيا رهيو. جڏهن ته چاندي جي قيمت ۾ به 10 رپيا تولو گهٽتائي ٿي ۽ 2980 رپيا تولو مان گهٽجي 2970 رپيا تولو ٿي وئي.ڪالهه عالمي مارڪيٽ ۾ به سون سستو ٿيو

عالمي مارڪيٽ ۾ في اونس سون جي قيمت ۾ 9 ڊالر گهٽتائي ٿي وئي. سون جي نئين عالمي قيمت هڪ هزار 931 ڊالر في اونس ٿي وئي