ڄام نوازعلي/ٽنڊو آدم (رپورٽ: امداد علي بلوچ/سليمان ساند) ٻيراڻي ٿاڻي جي حد ۾ ڳوٺ حمل مري ۾ پاڻي جي نيڪال جي تڪرار تان مامن ۽ ڀاڻيجن ۾ جهيڙو ٿي پيو، هڪ ڀاڻيجو تل، 7 ڄڻا زخمي ، علاج لاءِ اسپتال منتقل، جوابدارن جي گرفتاري لاءِ مقتول جو لاش محمدي چوڪ ٽنڊوآدم تي رکي وارثن احتجاجي مظاهرو ڪري ڌرڻو هنيو ويو. جوابدارن جي گرفتاري جو مطالبو، پوليس هڪ ڄڻي کي گرفتار ڪري ورتو. ان سلسلي ۾ ٻيراڻي ٿاڻي جي حد ڳوٺ حمل مري ۾ پاڻي جي نيڪال جي تڪرار تان مامن ۽ ڀاڻيجن ۾ جهيڙو ٿي پيو جنهن ۾ ڪهاڙيون لڳڻ سبب 50 سالن جو علي مراد مري موقعي تي مارجي ويو، جڏهن ته سليم مري، صادق مري، سجاد مري، راشد مري، نواز مري، احمد علي مري سميت 7 ڄڻا زخمي ٿي پيا، اطلاع تي ٻيراڻي پوليس واقعي واري هنڌ پهچي مقتول جو لاش تحويل ۾ وٺي زخمين کي علاج لاءِ تعلقي اسپتال ٽنڊوآدم منتقل ڪيو. هوڏانهن وارثن پاران جوابدارن جي گرفتاري لاءِ فوتيءَ جو لاش محمد چوڪ تي رکي احتجاجي مظاهرو ڪري ڌرڻو هڻي نعريبازي ڪئي وئي. هنن قاتلن جي گرفتاريءَ جو پڻ مطالبو ڪيو ويو. فوتي جي ڀاءُ علي نواز مري ٻڌايو ته نالي جي پاڻي جي تڪرار تان مامي غلام عباس مري ۽ ٻين ڪهاڙيون هڻي پنهنجي ڀاڻيجي علي مراد مري کي بي گناهه قتل ڪيو آهي. هنن مطالبو ڪيو ته اسان سان انصاف ڪيو وڃيِ. هوڏانهن مظاهرين وٽ ٻيراڻي ايس ايچ او ۽ ڊي ايس پي ٽنڊوآدم پهچي مقتول جي وارثن سان ڳالهيون ڪري کين انصاف جي خاطري ڪرائي جنهن بعد مقتول جي وارثن ڌرڻو ختم ڪيو . پوليس مقتول جو لاش تعلقي اسپتال مان پوسٽ مارٽم ڪرائي وارثن حوالي ڪيو، مقتول جي وارثن لاش پنهنجي ڳوٺ حمل مري کڻائي آيا لاش گهر پهچڻ تي ڪهرام مچي ويو. هوڏانهن پوليس موجب هڪ ڄڻي غلام عباس مري کي گرفتار ڪري ورتو آهي.