شهباز شريف پاران پرڏيهه وڃڻ کان روڪڻ خلاف عدالت سان ٻيهر رابطو

0
252

لاھور (بيورو رپورٽ) اپوزيشن ليڊر شهباز شريف پرڏيهه وڃڻ کان روڪڻ خلاف عدالت سان ٻيهر رابطو ڪري ورتو، لاهور هاءِ ڪورٽ ۾ حڪومت خلاف توهين عدالت جي درخواست داخل، وڪيل ذريعي داخل درخواست ۾ شهباز شريف موقف اختيار ڪيو آهي ته عدالتي حڪم باوجود شهباز شريف کي پرڏيهه وڃڻ نه ڏنو ويو، حڪومت جو اهڙو عمل توهين عدالت جي زمري ۾ اچي ٿو، عدالت 7 مئي واري فيصلي تي عمل يقيني بڻائڻ جو حڪم ڏئي.