ڄام نوازعلي ۾ ڀت ڪرڻ سبب زخمي ٿيل وڌيڪ ٻار فوت، انگ 2 ٿي ويو

0
239

ڄام نوازعلي (ن پ ا) ڄام نوازعلي ۾ گذريل ڏينهن ڀت ڪرڻ سبب زخمي ٿيل ٻن ٻارن مان هڪ ٻار 7سالن جوساجن پٽ والجي ڀيل زخمن جا سور نه سهندي حيدرآباد اسپتال ۾ فوت ٿي ويو فوتين تعداد وڌي ٻه ٿي ويو هڪ ٻار اسپتال ۾ زير علاج آهي فوتي ٻار جو لاش گهر پهچڻ تي قهرام مچي ويو واقعو گذريل ڏينهن ڀت ڪرڻ سبب پيش آيو جن ۾ ٽي ٻار ڀت هيٺا دٻجي ويا جن مان ٻه ٻار فوت ٿي ويا آهن.