تنگواڻي ڀرسان ڪارنهن الزام هيٺ نوجوان ناري قتل

0
342

تنگواڻي(ن پ ا) تنگواڻي ڀرسان ڪارنهن الزام هيٺ نوجوان ناري کي قتل ڪيو ويو آهي، شبيرآباد پوليس ٿاڻي جي حد ڳوٺ طاهر شاهه ۾ ڪارنهن تهمت هيٺ 19 سالن جي ناري نواب خاتون ڌيءُ عبدالرحمان ملڪ کي جوابدار سئوٽ صدام حسين ملڪ گهر اندر گوليون هڻي قتل ڪري ڇڏيو، پوليس اطلاع بعد واقعي واري هنڌ پهتي ته جوابدار گهر خالي ڪري فرار ٿي ويا، لاش واقعي واري هنڌان کڻائي تنگواڻي آر ايڇ سي ۾ ليڊي ڊاڪٽرياڻي نه هجڻ سبب پوسٽ مارٽم لاءِ ڪنڌڪوٽ منتقل ڪري ڇڏيو، جڏهن ڪا به گرفتاري عمل ۾ نه آئي آهي.