ڄام نوازعلي ويجهو ڪرنٽ لڳڻ سبب نوجوان فوت

0
197

ڄام نواز علي (ن پ ا) ڄام نوازعلي ويجهو ٻيراڻي ۾ پاڻي جي موٽر مان ڪرنٽ لڳڻ سبب نوجوان فوت ٿي ويو، رجب ڪالوني واسي 25 ورهين جو شاهنواز خاصخيلي کي گهر اندر پاڻي جي موٽر مان ڪرنٽ لڳو، جنهن کي اسپتال نيو ويو پر هن دم ڏئي ڇڏيو، فوتي نوجوان جي گهر ۾ روڄ راڙو مچي ويو.