ڄامشورو: بحريا ٽائون خلاف ڌرڻو، ڪيس داخل ڪرڻ خلاف وڪيل برداري سراپا حتجاج

0
197

ڄامشورو(ن پ ا) بحريا ٽائون خلاف احتجاج ڪندڙن تي ڪيس داخل ڪرڻ ۽ قومي ڪارڪنن جي گرفتاري خلاف ڄامشوري جي وڪيلن پاران احتجاج ڪيو ويو آهي، ڄامشورو بار ڪائونسل سيشن ڪورٽ ڄامشورو جي احاطي ۾ احتجاجي ريلي ڪڍي سنڌ حڪومت خلاف سخت نعريبازي ڪئي، ريلي جي اڳواڻي بارڪائونسل جي صدر ايڊووڪيٽ حيدر انڙ، فهيم انڙ جاويد ڪوهستاني، انصاف جتوئي ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ احتجاجي ريلي ڪڍي وئي، اڳواڻن طرفان ڪارڪنن تي داخل ڪيل ڪيسن جي سخت مذمت ڪئي وئي، وڪيلن توڙي سمورن سياسي اڳواڻن ۽ ڪارڪنن تي داخل ڪيل ڪيس فوري طور ختم ڪيا وڃن، هنن چيو آهي ته سنڌ حڪومت ۽ سنڌ پوليس ملڪ رياض جي نمڪ حلالي ڪندي ڌرتي ڌڻين کي تنگ ڪري رهي آهي. ڌرتي ڌڻين کي ديوار سان لڳايو ويو ته سڄي سنڌ روڊن تي نڪري ايندي، هنن چيو آهي ته ڪوٽڙي پوليس پڻ پنهنجي آقائڻ کي خوش ڪرڻ لاءِ ڪارڪنن تي بغاوت جو ڪيس داخل ڪيو ، ڪيس ختم ڪري گرفتار ڪارڪن ۽ اڳواڻ آزاد نه ٿيا ته سخت احتجاج ڪيو ويندو.