ڀٽ شاهه (ن پ ا) ڀٽ شاهه ڀرسان کنڊو ۾ سنڌ يونائيٽيڊپارٽي جي شھيد ڪارڪنن صدام حسين سنگراسي ۽ نياز حسين سنگراسي جي 7 ھين ورسي ملهائي وئي، ان موقعي تي مزار تي گلن جي چادر چاڙھي دعا گھري وئي. سنڌيونائيٽيڊپارٽي ضلعي مٽياري جا اڳواڻ انور علي ٻرڙو شڪور ناز خاصخيلي عبدالرحيم ميمڻ امتياز دايو واحد بخش سنگراسي سيد من شاھ راشد علي سهتو راجا وزير سنگراسي وزير چارڻ ء ٻيا به ورسي ۾ شريڪ ٿيا. ان موقعي تي اڳواڻن جو چوڻ هو ته اسان پارٽي ورڪرن کي هميشه ياد رکندا آهيون، شهيد ٿيل ڪارڪنن جون خدمتون پارٽي لاءِ هميشه ياد رکيون وينديون ، اسان جي ڪارڪنن پنهنجي زندگي پارٽي لاٰ ءِ وقف ڪئي آهي اسين اڄ انهن کي ڀيٽا ڏيڻ لاءِ گڏ ٿيا آهيون هنن چيو ته ڪرونا وبا ۽ لاڪ ڊائون سبب ورسي سادگي سان ملهائڻ جو فيصلو ڪيو آهي انشاءَ الله ايندڙ سال ڀرپور نموني سان ورسي تقريب منعقد ڪئي ويندي.